انفرا ريڊ
From Wikipedia, the free encyclopedia
انفرا ريڊ تابڪاري (انگريزي: Infrared radiation) يا (IR) جنھن کي انفرا ريڊ(انگريزي: infrared light) ھڪ برقي مقناطيسي تابڪاري (electromagnetic radiation) آھي جنھن جي روشني جون لھرون عام روشني جي لھرن کان ڊگھيون ھونديون آھن ۽ انساني اک سان ڏسي نہ سگھبيون آھن. جيتوڻيڪ ڪن حالتن ۾ 1050 نينو ميٽرن تي پلس واري ليزر مان نظر اينديون آهن.[1][2][3][4]انفرا ريڊ لھرون نظر ايندڙ شعاعي لھرن جي ڳاڙهي رنگ جي ڪناري تي 700 نينو ميٽرن کان (430 ٽيرا ھرٽز جي فريڪئنسي) ھڪ ملي ميٽر (300 گيگا ھرٽز) وڌنديون آهن.[5] ڪمري جي گرمي ۾ شين مان نڪرندڙحرارتي تابڪاري (thermal radiation) گھڻي ڀاڱي انفرا ريڊ ئي ھوندي آھي ڇوتہ سموري برقي مقناطيسي تابڪاري ۾ انفرا ريڊ روشن توانائي کڻندي آهي ۽ اھا ساڳي وقت روشني جي لھر ۽ ڪوانٽم ذرو يعني ڦوٽان ھوندي آھي. انفرا ريڊ تابڪاري 1800 ۾ فلڪياتي ماھر سر وليم ھرشيل دريافت ڪئي. ھن شعاعي لڪيرن (انگريزي: Spectrum) ۾ نظر نہ ايندڙ تابڪاري لڌي جيڪا ٿرماميٽر تي اثر وجھڻ ۾ ڳاڙهي رنگ جي ڀيٽ ۾ گھٽ توانائي واري ھئي.[6]سج جي زمين تي پھچندڙ توانائي جو اڌ کان ٿورڙو وڌيڪ توانائي انفرا ريڊ جي صورت ۾ ھوندي آھي. جذب ٿيل ۽ ٻاھر نڪرندڙ انفرا ريڊ تابڪاري جي توازن جو زمين جي آبهوا تي تمام وڏو اثر ھوندو آھي. انفرا ريڊ تابڪاري ماليڪيولن ذريعي ان وقت ٻاھر نڪرندي ۽ جذب ٿيندي آھي جڏھن ماليڪيولن جي ڦيري واري لرزش جي حرڪت ۾ تبديلي ايندي آهي.انفرا ريڊ مالڪيولي ڊائپول واري گھڙي (moment) کي بدلائي ماليڪيولن جي لرزشي حالت کي تيز ڪندي آهي [7] انفرا ريڊ تابڪاري استعمال صنعتي، سائنسي، فوجي ۽ طب ۾ ٿيندو آهي. رات جو اوندھ ۾ ڏسڻ وارن اوزارن ۾ انفرا ريڊ جو استعمال ٿيندو آهي. انفرا ريڊ فلڪياتي دوربيني جنھن ۾ سينسر لڳل ھوندا آھن ۽ ان دوربيني جي مدد سان خلا جي اندر ڌوڙ وارين جاين جھڙوڪ ماليڪيولي ڪڪرن ۾ شيون يا گرھ ڏسي سگھجن ٿا.[8]