آلو ارجن
ڏکڻ ڀارت سينيما جو ڀارتي فلم اداڪار / From Wikipedia, the free encyclopedia
اللو ارجن (انگريزي ٻولي: Allu Arjun) (تيلگو: అల్లు అర్జున్) ؛ پيدائش: 8 اپريل 1983ء، چنائي، تمل ناڊو، ڀارت)، ڏکڻ ڀارتي سينيما جو ھڪ فلم اداڪار آھي، جيڪو تيلگو ٻولي جي فلمن ۾ ڪم ڪندو آھي.ڪيترن ئي سالن کان تيلگو سنيما سان واڳيل ھڪ ڪلاڪار خاندان ۾ سندس پيدائش ٿي ھئي. ھي ڀارتي فلم پروڊيوسر اللو ارويند جو پُٽ، تيلگو ۽ ھندي فلم اداڪار چرن جيوي جو ڀائيٽيو ۽ رام چرن جو سئوٽ آھي. ھن 2 نندي اعزاز ۽ 5 فلم فئير اعزاز ماڻيا آھن.[1][2]
اللو ارجن Allu Arjun | |
---|---|
اللو ارجن، 2015 ۾ | |
پيدائش | اپريل 1983 (عمر 41 سال) چينائي، تمل ناڊو |
رھائش | حيدر آباد، تلنگانہ، ڀارت |
قوميت | ڀارتي |
ٻيا نالا | بني، اسٽائلش اسٽار، مللو ارجن |
پيشو | اداڪار، پروڊيوسر، ڊانسر، پس پردہ گلوڪار |
سَرگَرمُ سالَ | 2001–present |
جيون ساٿي | سنيھا ريڊي (شادي۔ 2011ع کان حال) |
ماءُپيءُ | اللو ارويند اللو نرملہ |
اللو ارجن بطور ھيرو فلمي سفر جي پھل (شروعات) فلم گنگوتري (2003ء) سان ڪئي، وري 2004ء جي فلم آريہ ۾ ھڪ طرفي محبت ڪندڙ يونيورسٽي شاگرد جو ڪردار نڀايو. اُن فلم کانپوءِ نوجوانن ۾ اللو ارجن جي ھاڪ بيھجي وئي[3][4][5] جيئن تہ شروعاتي فلمن ۾ ھِن کي گھڻي موٽَ (پزيرائي) نہ ملي ھُئي، پَر آريہ فلم جي سيڪوئل آريہ 2 اللو ارجن کي شُھرت جي بلندين تي پھچائي ڇڏيو.
اللو ارجن جون سموريون فلمون مليالم ۽ ھندي ٻولي ۾ ڊَب ٿي چُڪِيُون آھن. اُتر ڀارت، بنگلہ ديش ۽ پاڪستان ۾ ھن جا ڪيترائي شوقين (فينز) آھن، جيڪي سندس فلمن جي ھندي ڊبنگ ورزن کي وڏي شوق سان ڏسندا آھن. انکانسواءِ انڊيا جي رياست ڪيرالا ۾ کيس مللو ارجن نالو سان سُڃاتو ويندو آھي.
آللو ارجن ڏکڻ ھندستان جو اڪيلو اداڪار آھي، جنھن جون فلمن سرئنوڊو ۽ دوواڊا جگناٿم جي ھندي ڊب ورژن يوٽيوب تي 15 ڪروڙ ويوز (ڏسندڙ) ماڻِيا آھن. ھن جون ڪيتريون ئي فلمون تمل زبان ۾ پڻ ڊب ۽ ٻيھر (ري ميڪ) بڻايون ويون آھن. 2018 تائين ھيءُ ڏکڻ ھند جو واحد اداڪار ھيو جنھنکي فيسبُڪ جي باضابطہ اڪائونٽ تي 1 ڪروڙ کان وڌيڪ پسند (لائڪس) مليا ھيا.[6][7][8][9]