بيد مشڪ
From Wikipedia, the free encyclopedia
بيد مشڪ:Eucalyptus
: يوڪلپٽس :ھڪ وچولي سائيز جو لسن ڇوڏن وارو وڻ آهي جنھن ۾ بغير ڏانڊين وارا پن ھوندا آھن. ھن جا گل اڇا ۽ وچ سياري کان بھار جي شروعات واري وقت نڪرندا آهن. ھي وڻ تسمانيا، آسٽريليا ۾ گھڻو ٿين ٿا يا ايئن کڻي چئجي تہ انھن جو ديس تسمانيا آهي.
Heart-leaved silver gum | |
---|---|
Eucalyptus cordata, Melbourne | |
سائنسي درجا بندي | |
نسل: | Eucalyptus |
جنس: | cordata |
E. cordata, field distribution |
بيد مشڪ | |
---|---|
Buds, capsules, flowers and foliage of E. tereticornis | |
سائنسي درجا بندي | |
قسم جنس | |
يوڪليپٽس آبليڪا L'Hér. 1789 | |
Diversity | |
لڳ ڀڳ 700 قسم | |
Natural range | |
هم معنيٰ[1] | |
Aromadendron Andrews ex Steud. |
ھي کئونر وارو وڻ سڏبو آھي ۽ گلن واري وڻن ۾ سڀ کان ڊگهي ۾ ڊگھو ون بہ ھن جي ھڪ جنس وارو وڻ ھوندو آھي جنھن کي Eucalyptus regnans چوندا آهن.[2] آسٽريليا ۾ ھنن وڻن جا ٻيلا 92٬000٬000 هيڪٽر (227٬336٬951 acre) ايراضي تي واقع آھن.[3] بيد مشڪ جا 700 کان مٿي قسم آھن جن مان لڳ ڀڳ سڀ آسٽريليا ۾ ڪثرت سان ملن ٿا. انھن مان ڪجهه قسم آسٽريليا جي ويجھو وارن ملڪن نيو گني ۽ انڊونيشيا ۾ ملن ٿا. ھي وڻ ٽراپيڪل ۽ ٽيمپريٽ موسم وارن علائقن ۾ ٿيندا آهن.ھي وڻ تيزي سان وڏي ٿيندڙ وڻن ۾ شامل آھي.ھن وڻ جا ٽار اڪثر وزن وڌڻ جي ڪري پٽجي ڪري پوندا آھن. ھي وڻ پاڪستان ۾ اڪثر روڊن جي پاسن کان پوکيو ويندو آهي.
بيد مشڪ جو گل
وڻ جي سائيز چئن قسمن جي آھي:
- ننڍي سائيز وارو وڻ جن جي سائيز 33 فٽ يا 10 ميٽر آھي.
- وچولي سائيز جا وڻ 33 کان 98 فٽ يا 10 کان 30 ميٽر آھي.
- ڊگھا وڻ جن جي اوچائي 30 کان 60 ميٽر يا 98 کان 197 فٽ آهي.
- تمام ڊگھا وڻ جي اوچائي 60 ميٽرن کان مٿي يا 200 فٽن کان مٿي ھوندي آھي.