تبريز
From Wikipedia, the free encyclopedia
تبريز (انگريزي: Tabriz) ايران جي صوبي اوڀر آذربائيجان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ آباديءَ جي لحاظ کان ايران جو ڇھون وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1,558,693 آھي. پکيڙ جي لحاظ کان ھي شھر تھران ۽ مشھد کان پوءِ ايران جو ٽيون نمبر وڏو شھر آھي[1]. ھي شھر قورو نديءَ جي ماٿريءَ ۾ آباد آھي. ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 1350 کان 1600 ميٽر آھي. ھي شھر اونھاري ۾ پنھنجي بھترين موسم ۽ حسين قدرتي نظارن سان ڀرپور ھئڻ سبب سياحت جو وڏو مرڪز آھي. 2018ع ۾ اسلامي سھڪاري تنظيم (Organization of Islamic Cooperation) ھن شھر کي مثالي سياحت جو شھر قرار ڏنو[2]. ھٿ جي ھنرن جي بين الاقوامي تنظيم (World Crafts Counsel) 2015ع ۾ ھن شھر کي دنيا ۾ غاليچن اڻڻ جو شھر سڏيو[3].
Tabriz تبریز | |||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
شھر | |||||||||
مٿان کان گھڙيال جي ڪانٽن واري رخ ۾: تبريز شھر، تبريز ميونسپالٽيءَ جي عمارت، شاعرن جو يادگار، بلو مسجد، ال گولو ۽ تبريز جي بازار | |||||||||
عرفيت: City of Firsts | |||||||||
جاگرافي بيهڪ: 38°04′N 46°18′E | |||||||||
ملڪ | ايران | ||||||||
علائقو | ريجن 3 | ||||||||
صوبو | اوڀر آذربائيجان صوبو | ||||||||
شھرستان | تبريز | ||||||||
ضلعو | مرڪزي | ||||||||
حڪومت | |||||||||
• ميئر | عباس رنجبار | ||||||||
• سٽي ڪائونسل جو چيئرمين | رسول برگي | ||||||||
پکيڙ | |||||||||
• شھر | 325 ڪ.م2 (125 ميل2) | ||||||||
• شھري | 512 ڪ.م2 (198 ميل2) | ||||||||
• ميٽرو | 1,500 ڪ.م2 (600 ميل2) | ||||||||
بلندي | 1,351.4 ميل (4,433.7 ft) | ||||||||
آبادي |
ھي شھر اتر ايران جو ھڪ وڏو معاشي مرڪز آھي. ھتان جا گھڻا رھواسي آذربائيجاني آھن ۽ آذربائيجاني ٻولي ڳالھائين ٿا. فارسي ھن شھر ۾ ثانوي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ڳالھائي وڃي ٿي. ھتي موٽرڪارون ۽ انھن جا پرزا ٺاھڻ، سيمينٽ، ٽيڪسٽائيل، پيٽروڪيميڪل، تيل صاف ڪرڻ ۽ مشينن جا پرزا ٺاھڻ سميت ڪيتريون ئي وڏيون صنعتون قائم آھن. ھي شھر ھٿ جي ھنرن، قيمتي غاليچن ٺاھڻ ۽ زيورن ۾ سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھتان جا بسڪيٽ، چاڪليٽ، مٺايون، سوپاريون ۽ لذيذ کاڌا سڄي ايران ۾ مشھور آھن. ھن شھر ۾ ايران جا ڪيترائي ساک وارا تعليمي ادارا بہ موجود آھن.
تبريز ۾ ڪيترائي تاريخي يادگار ڏسي سگھجن ٿا. ھتي ڪيتريون ئي قديم ۽ جديد عمارتون موجود آھن. تبريز جي تاريخي شاھي بازار کي يونيسڪو جو عالمي ورثي وارو ماڳ قرار ڏنو ويو آھي[4]. تاريخي طور تي ھي شھر ڪاڪاسس (Caucasus)، اوڀر انتوليہ ۽ مرڪزي ايران جو معاشي مرڪز رھيو آھي. ھي شھر ايران جي عظيم تاريخ جو ھڪ عظيم يادگار آھي. ھتي روس ۽ ايران جي وچ ۾ ٻہ جنگيون لڙيون ويون ۽ اوڻويھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ روس ھن شھر ۽ علائقي تي قبضو ڪيو، پر آخرڪار روس کي ھن علائقي کي آزادي ڏيڻي پئي.