تنتون
From Wikipedia, the free encyclopedia
نيوران: Neuron:
دماغي يا تنتي سرشتي جي بنيادي ايڪي کي نيوران چئبو آهي. تنتي سرشتو خاص قسم جي گھرڙن يعني نيوران مان ٺھيل آھي . انھن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود ھوندي آھي جيڪو ڪرنٽ ھڪ نيوران کان ٻئي نيوران تائين منتقل ٿئي ٿو جنھن کي تنتي پيغام (Nerve Impulse) چئبو آهي. ھر ھڪ نيوران کي پنھنجي گھرڙيائي بناوٽ يعني سوما Soma ھوندي آھي جنھن ۾ ھڪ ايڪسان axon ۽ گھرڙي جون شاخون ھونديون آھن. سوما جي اندر گھرڙي واري پاڻياٺ يا سائٽو پلازم cytoplasm، باريڪ ننڍڙا عضوا organelles ۽ مرڪز nucleus ھوندا آھن. ڊينڊرائيٽس dendrites اڃان به وڌيڪ تاندورن وانگر شاخون ھونديون آھن جيڪي ٻاھرين طرف پکڙيل ھونديون آھن تہ جيئن تنتي پيغام Impulse کي محسوس ڪري سگھن. انھن شاخن جي ابتڙ ايڪسان axon ۾ ڪي به شاخون نہ ٿينديون آهن ۽ اھو ڊگھو، اڪيلو ۽ ڌاڳي جي شڪل جو ھوندو آھي. ھن جو ڪم مختلف نيورانن ڏانھن معلومات موڪلڻ ھوندو آھي. انھيءَ جي آخري ڇيڙي وٽ ڪيتريون ئي شاخون ٻاھر نڪرن ٿيون جيڪي پکڙجي ھڪ آخري تھ end plate ٺاھن ٿيون.