جيني شپلي
From Wikipedia, the free encyclopedia
ڊيمي جينيفر ميري شپلي{{ٻيا نالا|انگريزي= Dame Jennifer Mary Shipley [1] نيوزيلينڊ جي اڳوڻي سياستدان ۽ ملڪ جي ڇٽيھين وزيراعظم آهي. اھا 1997 کان 1999 تائين ملڪ جي وزيراعظم رھي ۽ ان کي نيوزيلينڊ جي پھرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي.ھي نيوزيلينڊ جي نيشنل پارٽي جي پھرين ۽ واحد عورت سربراھ ھئي.[2]نيوزيلينڊ جي ڏاکڻي ٻيٽ جي ڏاکڻي علائقي سائوٿ لينڊجي شھر گور ۾ پيدا ٿي. ھي ٻھراڙيءَ واري علائقي ڪينٽربري ۾ وڏي ٿي ۽ مارلبورو گرلس ڪاليج ۽ ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سياست ۾ اچڻ کان اڳ اسڪول ۾ استاد ھئي ۽ کوڙ ڪميونٽي تنظيمن ۾ سرگرم ھئي. 1987 جي عام چونڊن ۾ اشبرٽن واري تڪ مان پارليامينٽ جي ميمبر ٿي. ان تڪ جو بعد ۾ نالو 1990 واري چونڊن ۾ ريڪائيا رکيو ويو.ان ئي سال نيوزيلينڊ نيشنل پارٽي اقتدار ۾ آئي ۽ ھي جم بولگر جي ڪابينه ۾ سوشل ويلفيئر جي ۽ بعد ۾ عورتن جي معاملن جي، وري بعد ۾ صحت کاتي ۽ آخر ۾ ٽرانسپورٽ جي وزير بڻي. ڊسمبر 1997 ۾ جڏهن پارٽي ۾ اعتماد وڃائڻ ڪري استعفیٰ ڏني تہ شپلي ملڪ جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي.
ھن جي حڪومت مخلوط ھئي جنھن ۾ ونسٽن پيٽرز جي پارٽي نيوزيلينڊ فسٽ سندن اتحادي ھئي پر اھو حڪومتي اتحاد آگسٽ 1998 ۾ ٽٽي ويو پر ھن مئوري پيسيفڪ نالي نيوزيلينڊ فسٽ جي ھڪ ڌڙي جي مدد سان پنھنجي حڪومت برقرار رکي. 1999 جي عام چونڊن ۾ شپلي جي پارٽي کي ھيلن ڪليرڪ جي نيوزيلينڊ ليبر پارٽي کان شڪست ملي. جنھن بعد شپلي پارليامينٽ ۾ آڪٽوبر 2001 تائين مخالف ڌر جي اڳواڻ رھي. سياست ڇڏڻ کان پوء ھن پنھنجي ڪاروبار ۽. خيراتي ڪمن ۾ مصروفيت اختيار ڪئي ۽ عالمي عورت اڳواڻن جي ڪائونسل جي پڻ ميمبر آھي.