روس
يورپ ۽ ايشيا ۾ ڦهليل ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
روس (انگريزي: Russia ) روسي ٻولي ۾ Россия (روسيا)، سرڪاري نالو رشين فيڊريشن (روس جو وفاق) جنھن کي روسي ٻولي ۾ روسياسڪايا فيڊريٽسيا سڏيندا آهن. يوريشيائي جي ھڪ وفاقي ريپبلڪ آھي. اھو پکيڙ ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ان جي پکيڙ 17,075,200 چورس ڪ م يا 6,592,772 چورس ميل آهي جيڪو انساني ابادي واري دنيا جو اٺون حصو آھي. ھن ملڪ جي ان وسيع پکيڙ ۾ 11 ٽائيم زون اچي وڃن ٿا. دنيا ۾ روس جي سرحد سڀ کان وڌيڪَ ملڪن سان لڳي ٿي جن جو تعداد 14 آھي. ان جي اتر اولهه کان ڏکڻ اوڀر جي طرف روس جون زميني سرحدون ناروي، فنلينڊ، استونيا، لٽويا، لٿووينيا ۽ پولينڊ، بيلاروس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، قازقستان، چين، منگوليا، ۽ اتر ڪوريا سان ملن ٿيون۔ جڏهن ته هن جون آبي سرحدون جاپان کان اخوتسڪ سمنڊ، گڏيل آمريڪي رياستن جي ریاست الاسڪا کان بيرنگ سمنڊ ۽ ڪئناڊا جي ڄميل سمنڊ طرف اتر جا ٻيٽ ملن ٿا. روس جي آبادي 14،62،00،000 آهي. آبادي ۾ اھو يورپ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. دنيا جي وڏي آبادي وارن ملڪن ۾ ان جو نمبر نائون آھي ان جي گادي جو هنڌ ماسڪو شھر آھي جيڪو يورپ جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي. سينٽ پيٽرز برگ روس سميت يورپ جو ٻيون نمبر وڏو شھر آھي.
روس رشين فيڊريشن Росси́йская Федерация
(روسياسڪايہ فيدريتسيہ) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو: "Gosudarstvenny gimn Rossiyskoy Federatsii" (رومڻائيزيشن) "روس جو رياستي قومي ترانو" | |||||
روس جو مقام.تيز سائو رنگ . ڪرائميا تڪراري علائقو آهي جيڪو روسي انتظام هيٺ آهي جنھن کي ھلڪي سائي رنگ سان ظاهر ڪيو ويوa | |||||
گادي جو هنڌ | ماسڪو 55°45′N 37°37′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | گاديء جو ھنڌ | ||||
دفتري ٻوليون | روسي يا رشين | ||||
نسلي گروھ |
| ||||
حڪومت | |||||
• صدر |
ولاديمير پيوٽن | ||||
• وزيراعظم |
دمتري ميديويدف | ||||
• فيڊريشن ڪائونسل جو چيئرمين |
ويلنٽينا ميٽوي يينڪو | ||||
• رياستي ڊوما جو چيئرمين |
ويچزلاف وولودن | ||||
مقننه | فيڊرل اسيمبلي | ||||
فيڊريشن ڪائونسل | |||||
اسٽيٽ ڊوما | |||||
روس جي تشڪيل جي تاريخ | |||||
862 | |||||
• خيويائي روس |
882 | ||||
• ماسڪو جي گرينڊ ڊچي |
1283 | ||||
• زارشاھي |
16 جنوري 1547 | ||||
• روسي ايمپائر |
22 آڪٽوبر 1721 | ||||
• روسي ريپبلڪ |
14 سيپٽيمبر 1917 | ||||
• رشين ڊيموڪريٽڪ فيڊريٽو ريپبلڪ |
23 سيپٽمبر 1918 | ||||
• رشين سويت فيڊريٽو سوشلسٽ ريبلڪ |
25 آڪٽوبر 2017 | ||||
• سويت يونين جو قيام |
20 ڊسمبر 1922 | ||||
• خودمختياريء جو ڏينھن |
12 جون 1990 | ||||
• بيلاويزا وارا معاھدا |
8 ڊسمبر 1991b | ||||
• رشين ايس.ايف.ايس.آر. جو نالو بدلائي رشين فيڊريشن رکيو ويو |
25 ڊسمبر 1991b | ||||
• موجودہ آئين |
12 ڊسمبر 1993 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
17٬075٬200 km2 (6٬592٬800 sq mi) (1st) | ||||
• پاڻي (%) |
13[2] (دلدلي حصن سميت) | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
144,526,636 [3] (ڪرائميا کان بغير)[4] (9th) | ||||
• گھاٽائي |
8.4 /km2 (21.8 /sq mi) (225th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$4.152 ٽرلين ڊالر[5] (6th) | ||||
• في سيڪڙو |
$28,918[5] (49th) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.522 ٽرلين ڊالر[5] (12th) |
سال 1991ع ۾ سوويت يونين جي خاتمي بعد روسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ روسي فيڊريشن ۾ تبديل ٿي ۽ 1993ع ۾ نئين آئين ذريعي وفاقي نيم صدارتي نظام قائم ڪيو ويو. سن 2000ع کان وٺي ھن ملڪ جو صدر ولاديمير پيوٽن آهي.
انساني ترقيءَ جي اشاريي مطابق ھن ملڪ جو دنيا ۾ 52ھون نمبر آھي. ملڪ ۾ يونيورسٽي تائين تعليم مفت فراھم ڪئي وڃي ٿي. ملڪ جي معيشت دنيا جي طاقتور معيشتن ۾ شامل آھي ۽ ناليوار جي ڊي پي ۾ ھن ملڪ جو دنيا ۾ يارھون نمبر آھي. مساوي قوت خريد مطابق جي ڊي پي ۾ ھن ملڪ جي معيشت دنيا اندر ڇھين نمبر تي آهي. ھي ملڪ دنيا جي ھڪ وڏي ايٽمي طاقت آھي ۽ گڏيل قومن جو باني ۽ سلامتي ڪائونسل جو ويٽو جو اختيار رکندڙ مستقل رڪن آھي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪَ ايٽمي ھٿيار پڻ ھن ملڪ وٽ آھن. دنيا جي ٻين وڏي فوج پڻ ھن ملڪ جي آھي ۽ دنيا ۾ فوج تي وڌيڪ خرچ ڪندڙ چوٿون وڏو ملڪ آهي. دنيا جي معدني ۽ توانائي جي ذريعن جو وڏو حصو ھن ملڪ وٽ آهي. روس دنيا ۾ سڀ کان وڏن تيل ۽ قدرتي گيس پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. ملڪ جي 20, شنگھائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن، ڪائونسل آف يورپ، ايشيا پيسفڪ ايڪانامڪ ڪوآپريشن، آرگنائيزيشن آف سڪيورٽي اينڊ ڪوآپريشن ان يورپ، انٽرنيشنل انويسٽمينٽ بينڪ ۽ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن، ڪامن ويلٿ آف انڊپينڊنٽ اسٽيٽس، ڪليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائيزيشن، يوريشين ايڪانامڪ يونين جو رڪن ملڪ آهي.