منچ
From Wikipedia, the free encyclopedia
اسٽيج (Stage) تقرير ڪرڻ يا ناٽڪ ۽ تماشي لاءِ تيار ڪيل ٿَلهو، صندل، چبوترو يا منچ. ”اسٽيج“ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو سسٽيٽڪو، اسٽئٽس يا اسٽيئر لفظن مان اخذ ٿيل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي’بيھڻ‘. جيئن ٿيئٽر دوران فنڪار بيھي فن جو مظاهرو ڪن ٿا، سو ان مناسبت سان ان تي اسٽيج نالو رکيو ويو. اسٽيج جي ٻي لغوي معنيٰ آهي مرحلو.[1]