نيو ميڪسيڪو
From Wikipedia, the free encyclopedia
نيو ميڪسيڪو (انگريزي: New Mexico، اسپيني: Nuevo México ( ٻُڌو)، نواجو: Yootó Hahoodzo) آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست آھي. جاگرافيائي طور تي چوڪنڊي شڪل جي ھيءَ رياست آمريڪا جي ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ ٽيڪساس، اولھ ۾ ايريزونا، اتر اوڀر ۾ اوڪلاھوما ۽ ڏکڻ ۾ ميڪسيڪو سان ملن ٿيون. ھن رياست جي گاديءَ جو ھنڌ سانتا في (Santa Fe) آھي جيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ پراڻي ۾ پراڻو گاديءَ جو ھنڌ آھي. البقرقي (Albuquerque) ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. نيو ميڪسيڪو پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي پنجين وڏي رياست آھي جڏھن تہ آباديءَ جي لحاظ کان 36ھين وڏي رياست آھي. ھن رياست جي آبادي 21 لکن کان ٿوري وڌيڪ آھي. جاگرافيائي طور تي ھن رياست جي آبھوا مختلف علائقن ۾ مختلف آھي. ھن رياست جي اتر ۽ اوڀر جي موسم ڪافي ٿڌي آھي جڏھن تہ ڏکڻ ۾ گرم ۽ ريگستاني آھي. ريو گرانڊي ( Rio Grande) ندي ھن رياست جي مرڪزي علائقن مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ھن نديءَ جي ٻنھي ڪپن وارا علائقا زرخيز آھن ۽ انھن علائقن جي موسم خوشگوار آھي. ھن رياست جي ٽيون حصو زمين مرڪزي سرڪار جي ملڪيت آھي جنھن ۾ ڪيترائي يادگار ۽ قومي پارڪ قائم ڪيا ويا آھن. ھن رياست جا ٽي ماڳ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي وارن ماڳن جي فھرست ۾ شامل آھن.[5]
نيو ميڪسيڪو (New Mexico) Nuevo México (اسپيني)، Yootó Hahoodzo (نواجا) | |||
---|---|---|---|
State | |||
نيو ميڪسيڪو جي رياست | |||
| |||
عرفيت: جادوئي نگري (The Land of Enchantment) | |||
نعرو: Crescit eundo (انگريزي ٻولي: It grows as it goes) | |||
ترانو: "O Fair New Mexico" and "Así Es Nuevo México" | |||
Map of the United States with نيو ميڪسيڪو (New Mexico) highlighted | |||
Country | United States | ||
Before statehood | نوئيوو ميڪسيڪو (Nuevo México) (1598–1848) نيو ميڪسيڪو وارو علائقو (1850–1912) | ||
Admitted to the Union | 6 جنوري، 1912ع (ستيتاليھين رياست) | ||
Capital | سانتا في (Santa Fe) | ||
Largest city | البڪرڪي (Albuquerque) | ||
Largest metro and urban areas | گريٽر البڪرڪي (Greater Albuquerque) | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 121,591[1] ميل2 (314,918 ڪ.م2) | ||
• زميني | 121,298[1] ميل2 (314,161 ڪ.م2) | ||
• آبي | 292[1] ميل2 (757 ڪ.م2) 0.24% | ||
پکيڙ ۾ درجو | 5th | ||
Dimensions | |||
• ڊيگھ | 371 mi (596 kميل) | ||
• ويڪر | 344 mi (552 kميل) | ||
بلندي | 5,701 ft (1,741 ميل) | ||
بلند ترین پیمائش (Wheeler Peak[2][3][4]) | 13,161 ft (4,011.4 ميل) | ||
گھٽ ترین پیمائش (Red Bluff Reservoir on Texas border[3][4]) | 2,845 ft (868 ميل) | ||
آبادي (2020) | |||
• ڪل | 2,120,220 |
ھن رياست جي معاشي ذريعن ۾ تيل، معدني شيون، زراعت، ڪاٺ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٿيندڙ کوجنا، سياحت ۽ ٽيڪسٽائل جون صنعتون شامل آھن. 2020ع ۾ ھتان جي مجموعي گھرو پيداوار 95.73 بلين ڊالر ۽ في ماڻھو مجموعي گھرو پيداوار 46،300 ڊالر ھئي.[6],[7] ھتان جي فلمي صنعت بہ ملڪ جي وڏين صنعتن مان ھڪ آھي.[8] ھن رياست ۾ ڪيتريون ئي فوجي ڇانوڻيون موجود آھن ۽ ھٿيارن ۽ فوجي سازوسامان ٺاھڻ جون صنعتون پڻ قائم آھن. ھن ئي رياست ۾ آمريڪا جي پھرئين ائٽمي بم جو ٽيسٽ طور ڌماڪو ڪيو ويو ھو.
تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ ھن علائقي ۾ اصلوڪن آمريڪي ماڻھن جا مختلف قبيلا آباد ھئا.[9] سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي اسپين کان آيل سياح پھتا جن ھن علائقي ۾ پنھنجيون وسنديون قائم ڪيون. انھن ماڻھن ھن علائقي کي Nuevo México نالو ڏنو[10] جيڪو اڳتي ھلڪي نيو ميڪسيڪو ٿي ويو. 1521ع ۾ اسپين مان آيل ماڻھن ھن علائقي کي ”نيو اسپين“ جو نالو ڏئي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. 1821ع ۾ ھي علائقو ميڪسيڪو جي خودمختيار رياست جو حصو بنجي ويو. 1848ع ۾ ميڪسيڪو آمريڪا جنگ کان پوءِ ھن علائقي کي آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ شامل ڪيو ويو. 6 جنوري 1912ع تي نيو ميڪسيڪو کي آمريڪا جي 47ھين رياست بنايو ويو.
نيو ميڪسيڪو آمريڪا جي گڏيل رياستن مان اھا رياست آھي جنھن جي رھواسين جي اڪثريت اسپيني ۽ لاطيني نسلن سان واسطو رکي ٿي. ھتي اصلوڪا آمريڪي بہ چڱي تعداد ۾ آباد آھن.