وزير خان مسجد
From Wikipedia, the free encyclopedia
وزير خان مسجد، 17هين صدي جي هڪ تاریخی مسجد آهي جيڪا پاڪستان جي صوبي پنجاب جي شهر لاھور ۾ واقع آهي. هن مسجد کي مغل شهنشاهه شاهجهان جي دور حڪومت ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ويجهي شاهي حمام به شامل هئا. وزير خان مسجد جي تعمير سال 1634ع ۾ شروع ٿي ۽ سال 1641ع ۾ مڪمل ٿي.[1] ھئی مسجد يونيسڪو جي عالمي ورثي جي فهرست (UNESCO's World Heritage Tentative List) تي آهي.[2]
وزیر خان مسجد | |
---|---|
مسجد وزیر خان | |
وزیر خان مسجد، لاھور | |
بنيادي ڄاڻ | |
جاءِ | لاھور، پنجاب، پاڪستان |
مقانيت | 31°34′59″N 74°19′24″E |
وابستگي | اسلام |
تفصيل تعميرات | |
تجويز اڏاوت | وزیر خان |
قسم اڏاوت | مسجد |
قسم اڏاوت | ھند۔اسلامی۔مغل طرز تعمیر |
بنياد جو پٿر | 1634ع |
مڪمل سال | 3 دسمبر، 1641ع |
خصوصيتون | |
قبو | 5 |
قبي جي اوچائي (ٻاهران) | 21 فٽ (6.4 m) |
قبي جي اوچائي (اندران) | 32 فٽ (9.8 m) |
Dome dia. (outer) | 19 فٽ (5.8 m) |
Dome dia. (inner) | 23 فٽ (7.0 m) |
منارا | 4 |
منارن جي اوچائي | 107 فٽ (33 m) |
مغل دور جي سڀ کان وڌيڪ آرائشي طور تي سجايل مسجد،[3] وزير خان مسجد ان جي پيچيدگين واري ٽائل جي ڪم لاءِ مشهور آهي، جنهن کي ڪاشي ڪاري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي اندروني سطحون جيڪي تقريباً مڪمل طور تي مغل دور جي شاندار تصويرن (fresco) سان سينگاريل آهن. سال 2009ع کان وٺي آغا خان ٽرسٽ فار ڪلچر ۽ پنجاب حڪومت جي هدايتن تي جرمني، ناروي ۽ آمريڪا جي حڪومتن جي تعاون سان مسجد جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي.[4][5]