چانھ
From Wikipedia, the free encyclopedia
چانھ(انگريزي: Tea),(عربي: چاء)، (فارسي: چاء خطائي) هندستان ۽ اوڀر پاڪستان طرف ڦارِوَن جي وڻ جيڏي هڪ وڻ جا پن آهن، جي ڀـُـڃي ڪارا ڪري پوءِ ڪاڙهي پيئندا آهن، چاءِ جو هڪ قسم بنا ڀڃڻ جي به ڪم ايندو آهي ان جو رنگ ڪاراڻ کي مائل سائو ٿيندو آهي. اهو قسم عمدو ليکبو آهي[3] .