آسٽريلين انگلش
From Wikipedia, the free encyclopedia
آسٽريلين انگلش يا آسٽريليائي انگريزي :(انگريزي: Australian English ) انگريزي ٻولي جو ھڪ قسم جيڪو آسٽريليا ۾ ڳالھايو وڃي ٿو. اھا ٻولي آسٽريليا جي قومي ٻولي ۽ سرڪاري ٻولي آھي. آسٽريليائي انگريزي اصل ۾ برٽش انگلش جي ھڪ تبديل ٿيل صورت آهي. ان تبديلي جي شروعات 1788ع ۾ نيو سائوٿ ويلز ۾ ڪالوني جي قيام سان ٿي. اتي آباد ٿيندڙن ۾ 1820ع ۾ پھريون دفعو ٻولي جي تبديل ٿي وڃڻ جي مڃتا ٿي. ان تبديلي جو سبب مقامي ماڻھن ۾ رلي ملي وڃڻ ھيو جنھن سان ھڪ نئين لھجي جنم ورتو جنھن ان کي برٽش انگلش کان منفرد ڪري ڇڏيو[6] وقت گذرڻ سان گڏ نئين لفظن جو اضافو ٿيو ۽ پراڻن لفظن جي اچارن ۾ تبديلي ايندي وئي. لفظن جي ھِجَي ۽ گرامر ۾ پڻ تبديليون آيون.
ترت ڄاڻ آسٽريلين انگلش, خطو ...
آسٽريلين انگلش | |
---|---|
خطو | آسٽريليا |
ٻولي ڳالهائيندڙ |
آسٽريليا ۾ 1،65،00،000 (2012)[1] 35 لک آسٽريليا ۾ ٻين ٻولي طور ڳالھائيندڙ (2003) |
انڊو يورپي
| |
پراڻيون صورتون |
پراڻي انگريزي
|
لپي |
لاطيني لپي (انگريزي صورتخطي)[2] |
ٻولي جا ڪوڊ | |
ISO 639-3 | – |
گلوٽولوگ | نه ڪوبه نه [3] |
IETF | en-AU[4][5] |
This article contains IPA phonetic symbols. Without proper rendering support, you may see question marks, boxes, or other symbols instead of Unicode characters. For a guide to IPA symbols, see Help:IPA. |
بند ڪريو