مراڪش
اتر آفريڪا ۾ ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
مراڪش يا موراڪو (i/məˈrɒkoʊ/; عربي ٻولي: المغرب) جنھن جو سرڪاري نالو المغرب (اولھ) جي بادشاھت آھي. اھو اتر آفريڪا جي اولھ ۾ واقع ھڪ اسلامي ۽ عرب ملڪ آھي جنھن جي اتر ۾ رومي سمنڊ ۽ اولھ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ واقع آهي. ھن ملڪ اسپين جي رومي سمنڊ ۾ واقع سيوٽا (عربي ۾ سبته)، مليلا ۽ غميرا ٻيٽن جو دعويدار آهي.[7] ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ رباط آھي ۽ سڀ کان وڏو شھر ڪيسابلانڪا اٿس.[8] ملڪ جي پکيڙ 7,10,850 چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي ساڍا ٽي ڪروڙ کان مٿي آهي.
مراڪش Morocco المغرب (اولھ) جي بادشاھت المملكة المغربية | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: 'الله، الوطن، الملك ("God, Homeland, King") | |||||
سانچو:مراکش جي بادشاهت جو نقشو | |||||
گادي جو هنڌ | رباط 34°02′N 6°51′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ڪيسابلانڪا 33°32′N 7°35′W | ||||
دفتري ٻوليون |
| ||||
رابطي جون زبانون |
| ||||
ٻاھريون ٻوليون | فرينچ [1] اسپيني | ||||
نسلي گروھ (2014[2]) |
| ||||
مذهب | سني اسلام[a] ( سرڪاري)[3] | ||||
مقامي آبادي | مراڪشي يا موراڪن | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت [4] | ||||
• بادشاھ |
محمد ڇھون | ||||
• وزيراعظم |
سعدالدين عثماني | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
ھائوس آف ڪائونسلرس | |||||
ھائوس آف رپريزنٽيٽوز | |||||
مراڪش جو قيام | |||||
• ادريسي شاھي خاندان (پھريون شاھي خاندان ) |
788 | ||||
• علوي شاھي گھراڻو (موجوده شاھي گھراڻو) |
1631 | ||||
• |
30 مارچ 1912 | ||||
• مراڪش جي خودمختياري |
7 اپريل 1956 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
710٬850 km2 (274٬460 sq mi) or 446,550 km2[b] (40th or 57th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.056 (250 km2) | ||||
آبادي | |||||
• 2017 مردم شماري |
35,740,000[5] | ||||
• گھاٽائي |
50.0 /km2 (129.5 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$332.358 ارب يو ايس ڊالر [6] | ||||
• في سيڪڙو |
$9,339[6] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$122.458 ارب يو ايس ڊالر [6] |
مراڪش وحداني رياست تي مشتمل ھڪ آئيني بادشاهت آھي جنھن م پارليامينٽ کي عوام چونڊيندو آهي. ملڪ ۾ رياستي ۽ حڪومتي سربراھ بادشاھ آهي جنھن کي وسيع انتظامي ۽ قانون سازي جا اختيار آهي. بادشاھ جو حڪم قانون سمجھيو ويندو آھي ۽ کيس پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جا اختيار پڻ آھن پر ان لاء ھن جي وزيراعظم ۽ آئين ڪورٽ جي سربراهه سان مشاورت لازمي آهي. ملڪ جو سرڪاري مذھب اسلام ء سرڪاري ٻولي پھرين رڳو عربي ھئي پر 2011 م بربر ٻولي کي پڻ سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو. [9] مسلمانن جي ھن علائقي ۾ ستين صدي عيسويءَ ۾ آمد کان اڳ بربر ٻولي ھتان جي اصل مقامي ٻولي ھئي. [10] ھن ملڪ جي عربي جو لھجو مختلف آھي جنھن کي مراڪشي عربي لھجو چون ٿا. ھتي فرينچ ٻولي پڻ عام ڳالھائي ويندي آهي. ھي ملڪ گڏيل قومن، عرب ليگ، آفريڪي يونين، يونين فار ميڊيٽرينين ۽ اسلامي ملڪن جي تنظيم جو پڻ رڪن آھي.