نائيجر
From Wikipedia, the free encyclopedia
نائيجر(انگريزي: Niger ) جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف نائيجر آھي آفريڪا کنڊ جي اولھ واري پاسي ۾ خشڪي سان گھيريل ملڪ آھي جنھن تي اھو نالو درياء نائيجر تان پيو. ھن ملڪ جي اتر-اوڀر ۾ لبيا، اوڀر ۾ چاڊ، ڏکڻ ۾ نائجيريا، ڏکڻ-اولھ ۾ بينن، اتر-اولھ ۾ بورڪينافاسو ۽ مالي ۽ اتر-اولھ ۾ الجيريا واقع آھن. ھن ملڪ جي پکيڙ 12,70,000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ھي پکيڙ ۾ اولھ آفريڪا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. ھن ملڪ جي زمين جو 80 سيڪڙو کان ڪجهه مٿي حصو صحارا رڻپٽ ۾ اچي ٿو. ملڪ جو آبادي اڪثريت ۾ مسلمان آھي. ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شهر ۽ ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ [نيامي]] شھر آھي جيڪو ملڪ جي ڏکڻ-اولھ واري ڪنڊ تي واقع آهي. نائيجر معاشي طور تي ھڪ ترقي پذير ملڪ آھي. ان جي انساني ترقي جو اشاريو تمام گھٽ آهي. 2018 ۾ 189 ملڪن ۾ ان جو نمبر آخري 189 ھيو[4] ھتان جي معيشت زراعت آھي پر اڪثر ڏڪار جو شڪار رھندو آھي. ملڪ جي ابادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي[5]
ريپبلڪ آف نائيجر | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '
| |||||
ترانو: La Nigérienne | |||||
مڪانيت نائيجر (تيز سائو) | |||||
گادي جو هنڌ | نيامي 13°32′N 2°05′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | نيامي | ||||
دفتري ٻوليون | فرينچ | ||||
قومي ٻوليون [1] |
| ||||
مقامي آبادي | نائيجري يا نائيجرن | ||||
حڪومت | وحداني نيم صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
محمدو عيسوفو | ||||
• وزيراعظم |
برگي رافني | ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
آزادي فرانس کان | |||||
• آزادي جو اعلان |
3 آگسٽ 1960 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
1٬267٬000 km2 (489٬000 sq mi) (21st) | ||||
• پاڻي (%) |
0.02 | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
20,672,987 (61st) | ||||
• 2012 مردم شماري |
17,138,707 | ||||
• گھاٽائي |
12.1 /km2 (31.3 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$23.475 billion[2] (140th) | ||||
• في سيڪڙو |
$1,213 (183rd) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$9.869 billion[3] (136th) |