تسمانيا
آسٽريليا جي رياست جو ٻيٽ يا جزيرو / From Wikipedia, the free encyclopedia
تسمانيا(انگريزي: Tasmania ) يا تزمينيا (/tæzˈmeɪniə/;[2]، جنھن جو اختصارTAS آھي، آسٽريليا جي ھڪ رياست جو نالو آهي جيڪا ھڪ وڏو ٻيٽ آهي جيڪو آسٽريليا جي سرزمين کان ڏکڻ طرف سمنڊَ ۾ 240 km (150 mi) ج فاصلي تي واقع آهي. ان کي آسٽريليائي سرزمين کان بيس وارو سامونڊي لنگھ ڌار ڪري ٿو. تسمانيا جو ٻيٽ دنيا جو پکيڙ ۾ 26ھون وڏو ٻيٽ آهي جنھن جي پسگردائيءَ ۾ 334 ننڍا ٻيٽ واقع آھن[3] 2020ع جي تخميني مطابق ھن رياست جي آبادي 539,590 آھي[1] جنھن مان 40ڏيڪڙو آبادي گريٽر ھوبارٽ واري علائقي ۾ رھندڙ آھي جيڪو ھوبارٽ ميٽروپوليٽن علائقو سڏبو آهي. ھن رياست جي گادي جو هنڌ ھوبارٽ آھي جيڪو رياست جو سڀ کان وڏو شھر آھي[4]. تسمانيا رياست جي پکيڙ سڀني ٻيٽن سميت68٬401 km2 (26٬410 sq mi) آھي جنھن رڳو تسمانيا ٻيٽ جي پکيڙ 64٬519 km2 (24٬911 sq mi) آھي[5] ان رياست جي قدرتي رياست طور پذيرائي ڪئي وئي آهي جنھن خاطر ان جي 42 سيڪڙو علائقي کي قدرتي حالت ۾ برقرار رکڻ خاطر محفوظ ڪيو ويو آهي جنھن ۾ نيشنل پارڪَ ۽ تسمانيائي جنگلي جيوت وارا علائقا شامل آهن جن کي عالمي ورثو قرار ڏنو ويو آهي[6] تسمانيا دنيا جي پھرين ماحولياتي سياسي پارٽي ٺاھيندڙ خطو آھي[7]
تسمانيا | |||
---|---|---|---|
رياست | |||
| |||
عرفيت:
| |||
نعرو: زرخيزي ۽ وفاداري | |||
آسٽريليا ۾ تسمانيا نمايان ڏيکاريل | |||
جاگرافي بيهڪ: 42°S 147°E | |||
ملڪ | آسٽريليا | ||
رياست | تسمانيا | ||
وان ڊيمين واري زمين طور قيام | 1825 | ||
حڪومتي قيام | 1856 | ||
وفاق | 1901 | ||
آسٽريليا ايڪٽ 1986ع | 3 مارچ 1986 | ||
گادي جو هنڌ | ھوبارٽ | ||
وڏي ۾ وڏو شھر | ھوبارٽ | ||
تسمانيا جي انتظامي ورهاست | ضلعا (20) | ||
حڪومت | |||
• قسم | آئيني بادشاهت | ||
• مجلس | تسمانيائي حڪومت | ||
• گورنر | ڪيٽ وارنر | ||
• پريميئر | پيٽر گٽوين (لبرل (تسمانيائي شاخ) | ||
پکيڙ | |||
• زميني | 67,031 ڪ.م2 (25,881 ميل2) | ||
• آبي | 1,370.42 ڪ.م2 (529.12 ميل2) | ||
پکيڙ ۾ درجو | 7th | ||
بلند ترین پیمائش (مائونٽ اوسا) | 1,617 ميل (5,305 ft) | ||
آبادي (مارچ 2020)[1] | |||
• ڪل | 539,590 |