آئيني بادشاهت
From Wikipedia, the free encyclopedia
'آئيني بادشاهت(انگريزي: Constitutioal Monarchy ) اھڙو نظام حڪومت آھي جنھن ۾ ریاستي سربراھ جو اختيار اعلیٰ ملڪ جي لکيل يا اڻلکيل آئين تحت ھوندو آھي. آئيني بادشاهت مطلق العنان بادشاھت کان مختلف ھوندي آھي. آئيني شاھي سربراھ پنھنجا اختيار قانوني دائري اندر استعمال ڪندو آهي. دنيا ۾ ليڪٽنسٽائين، موناڪو، مراڪش، اردن، بحرین، ڪوہت آئيني بادشاهت وارا ملڪ آھن جن ۾ شاھي سربراھن کي تمام گھڻا صوابديدي اختيار آھن. ساڳي وقت يونائٽيڊ ڪنگڊم، چپان، اسپين، بيلجيئم، ۽ سويڊن ۾ پڻ آئيني بادشاهت وارو نظام آھي پر شاھي سربراھ جا صوابديدي اختيار تمام گھٽ ھوندا آھن.
يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ ٻيا دولت مشترڪه واري حڪمراني ۾ ايندڙ ملڪ پڻ آئيني بادشاھتون آهن پر اھي سڀ ويسٽ منسٽر نظام ھيٺ آئيني حڪمراني واريون آھن. آئيني بادشاهت ۾ دنيا اندر ملڪن ملائيشيا ۽ ڪمبوڊيا ٻه مثال اھڙا بہ آھن جن ۾ شاھي حڪمران چونڊن ذريعي مقرر ٿيندو آهي. اھي چونڊون ھڪ ننڍڙو چونڊيندڙ ادارو محدود وقت لاء ڪندو آهي. انتھائي محدود قسم جون ڪجهه آئيني بادشاھتون شاھي ريپبلڪ پڻ سڏبيون آهن. ڪجهه پارلياماني نظامن ۾ انتظامي عملداري واري آئيني شاھي حڪمران واري تصور سان پڻ آئيني بادشاهت جي سڃاڻپ ٿئي ٿي[1] نتيجن آئيني بادشاھتون انتظامي عملداري واري شاھيت کي آئيني بادشاهت وچ ۾ تفريق ظاھر ڪرڻ لاء انھن کي پارلياماني بادشاهت سڏيو ويندو آهي[2].