سولومن آئلينڊز
اوشيانا (بحرستان) ۾ مُلڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
سولومن آئلينڊز (انگريزي: Soloman Islands ) (سليمان ٻيٽ, جزيرا سليمان) ڇھن وڏن ۽ نو سؤ ننڍن ٻيٽن تي مشتمل اوشنيا(بحرستان) کنڊ ۾ ھڪ خودمختيار مُلڪ آهي جيڪو پاپوا نيو گني جي اوڀر ۾ ۽ وينوآتو جي اتر اولھ ۾ واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 28400 چورس ڪلوميٽر آهي.ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ھونيئارا آهي جيڪو گئاڊلڪنال ٻيٽ تي واقع آھي. ملڪ جو نالو سولومن ٻيٽ جي نالي تي رکيل آهي. ھن ملڪ 1978 ۾ برطانيا کان آزادي ورتي ان کان اڳ ھي ٻيٽن وارو علائقو برطانوي والاريل سولومن آئلينڊز سڏبو هو. ملڪ جو آئين 1970 ۾ ٺاھيو ويو. ملڪ ۾ آئيني بادشاهت وارو پارلياماني نظام آهي . برطانوي ملڪہ ايلزبيٿ ٻين ھن ملڪ جي شاھي سربراھ آھي جنھن جو نمائندو گورنر جنرل آھي . ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آهي جنھن جا ڪل 50 ميمبر آھن جيڪي چئن سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن. ملڪ م سڀني 21 سالن ء ان کان وڏي عمر وارا ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگھندا آھن.
سولومن آئلينڊز | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"وٺي ھلڻ خدمت ڪرڻ آھي" | |||||
شاھي ترانو: "خدا راڻي کي امان ۾ رکي " | |||||
گادي جو هنڌ | Honiara 9°28′S 159°49′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | گاديءَ جو هنڌ | ||||
دفتري ٻوليون | انگريزي | ||||
نسلي گروھ (1999) |
| ||||
مقامي آبادي | سولومن آئلينڊ | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
• شاھي سربراھ |
ايلزبيٿ ٻين | ||||
• گورنر جنرل |
ڊيوڊ ووناگي | ||||
• وزيراعظم |
مناسيح سوگاويئر | ||||
مقننه | نيشنل پارليامينٽ | ||||
آزادي | |||||
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان |
7 جولاءِ 1978 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
28٬400 km2 (11٬000 sq mi) (139th) | ||||
• پاڻي (%) |
3.2% | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
599,419[3] (162nd) | ||||
• گھاٽائي |
18.1 /km2 (46.9 /sq mi) (200th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.479 billion[4] | ||||
• في سيڪڙو |
$2,307[4] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.511 ارب يو ايس ڊالر |