پيسفڪ سمنڊ
سمنڊ / From Wikipedia, the free encyclopedia
پيسفڪ سمنڊ/پئسفڪ، ماٺو سمنڊ انگريزي (Pacific Ocean) ڌرتيءَ جي گولي جي اٽڪل ٽئين حصي تي پکڙيل هيءُ سمنڊ پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو سمنڊ آهي،[1] جيڪو اڪثر ماٺو هوندو آهي، ان ڪري ”پئسفڪ“ (Pacific) سڏجي ٿو.[2] هن جي اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ، ڏکڻ ۾ اينٽارڪٽيڪا سمنڊ آهن. هي سمنڊ ايشيا ۽ آسٽريليا سان گھيريل آهي ۽ اوڀر ۾ آمريڪا اٿس.