رومي (ڀونوچ) سمنڊ
يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي وچ ۾ سمنڊ / From Wikipedia, the free encyclopedia
ميڊيٽرينئن سمنڊ يا رومي سمنڊ يا ڀونچ سمنڊ (انگريزي: Mediterranean Sea) (اردو: بحیرہ روم) ھڪ سمنڊ جو نالو آهي[2] جيڪو ايٽلانٽڪ سمنڊ جو حصو آھي ۽ مڪمل خشڪي سان گھيريل ھڪ منفرد سمنڊ آھي. ان جي بيھڪ يورپ ، اناطوليه جي ڏکڻ ۽ آفريڪا جي اتر ۾ ۽ سر زمین شام جي اولھ ۾ آهي.
ميڊيٽرينئن سمنڊ | |
---|---|
ميڊيٽرينئن سمنڊ جو نقشو | |
پاڻي جو قسم | سمنڊ |
اھم داخلي وھڪرا | ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ, مرمارا سمنڊ, نيل ندي, ايبرو ندي, رون ندي، چيلف ندي، پو ندي |
سامونڊي طاس | 60 جي لڳ ڀڳ
|
سطحي پکيڙ | 2٬500٬000 km2 (970٬000 sq mi) |
سراسري اونھائي | 1٬500 m (4٬900 ft) |
وڌ کان وڌ اونھائي | 5٬267 m (17٬280 ft) |
پاڻي جو حجم | 3٬750٬000 km3 (900٬000 cu mi) |
رھائش وقت | 80–100 سال[1] |
ٻيٽ | |3300+ |
آباديون | اسڪندريه, بارسلونا, الجيريس, ازمير, روم, اٿينس, بيروت, طرابلس, تيونس (شھر), طنجه, تل ابيب, اسپليت, (مڪمل فھرست) |
59 لک سال اڳ ھي سمنڊ ايٽلانٽڪ سمنڊ کان الڳ ٿي جزوي يا مڪمل طور تي سڪي ويو ھو ۽ خشڪي تي مشتمل علائقو بڻجي ۽ 6 لک سال ان حالت ۾ رھيو. 53.3 لک سال اڳ جبرالٽر واري ھنڌ زميني پليٽ جي ۾ تبديلي سبب کنڊ پئجي ويو جنھن مان ايٽلانٽڪ سمنڊ جي پاڻي اندر گھري آيو جنھن سان مھا ٻوڏ آئي جنھن ذريعي ھڪ دفعو ٻيھر اھو علائقو سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويو. ھن سمنڊ جي پکيڙ 2٬500٬000 km2 (970٬000 sq mi),[3] جيڪا ڌرتي جي سامونڊي پاڻي جو 0.7 سيڪڙو آھي. جبرالٽر وارو سامونڊي لنگھ 14 ڪلوميٽر ويڪرو آھي. ھن سمنڊ کي يورآفريڪن ميڊيٽرينئن سمنڊ يا ان جي آفريڪا واري حصي کي آفريڪن ميڊيٽرينئن سمنڊ سڏيندا آهن[4][5]. ھن سمنڊ جي سراسري اونھائي 1,500 ميٽر (4,900 فوٽ) آهي ۽ ان جو سڀ کان اونھو مقام ان جي آئونيئن سمنڊ ۾ واقع ڪئليپسو ڊيپ آھي جنھن جي اونھائي 5٬267 m (17٬280 ft) آهي.
ھي سمنڊ جا ليٽيٽيوڊ اتر ۾ لاڳيتو°30 ۽°46 ۽ لانگيٽيوڊ اولھ ۾ لاڳيتو °6 ۽ °36 آھن. ھن سمنڊ جي اولھ کان اوڀر جي ڊيگھ جبرالٽر واري سامونڊي لنگھ کان ترڪي جي ڏکڻ اوڀر واري اسڪندرون واري نار جي سامونڊي ڪناري تائين 4٬000 ڪلوميٽر (2٬500 mi) آھي. ھي سمنڊ اھم واپاري رستو رھيو آھي جتان قديم زماني جا مسافر ۽ واپاري واپار ڪندا ھئا ۽ جنھن ذريعي تھذيبن ۽ ثقافتن جي ڦھلاء پڻ ٿيندو ھو.